ملڪ جي اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ 9 جون تي پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ پرڏيهي ڪرنسين جي اگهن ۾ معمولي لاٿ چڙهه ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته مجموعي طور مارڪيٽ مستحڪم رهي.مارڪيٽ انگن اکرن موجب آمريڪي ڊالر جي خريداري قيمت 278.20 رپيا ۽ وڪري جي قيمت 279.45 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. يورو 320 رپين کان مٿي واپار ڪندو رهيو، جڏهن ته برطانوي پائونڊ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ مضبوط ترين ڪرنسين مان هڪ رهيو.متحده عرب امارات جي درهم جي خريداري قيمت 75.65 رپيا ۽ وڪري جي قيمت 76.60 رپيا رهي. سعودي ريال جي خريداري قيمت 74.00 رپيا ۽ وڪري جي قيمت 74.75 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته قطري ريال جي قدر ۾ استحڪام ڏٺو ويو.
ڪويتي دينار هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ قيمتي پرڏيهي ڪرنسي رهيو، جنهن جي خريداري قيمت 884.52 رپيا ۽ وڪري جي قيمت 894.65 رپيا رهي.ڪرنسي ڊيلرن موجب عالمي مالي مارڪيٽن ۾ لاٿ چڙهه باوجود پاڪستاني ايڪسچينج مارڪيٽ اڄ نسبتاً پرسڪون ۽ مستحڪم رهي۔
