ايران الزام لڳايو آهي ته آمريڪا 2026 فيفا ورلڊ ڪپ دوران ايراني مداحن لاءِ مخصوص ٽڪيٽن جي الاٽمينٽ واپس وٺي ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪيترائي فٽبال شوقين پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.فيفا ورلڊ ڪپ 2026، 11 جون کان آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي گڏيل ميزباني هيٺ شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ايران پنهنجا گروپ ميچ آمريڪا ۾ کيڏندو.ايراني فٽبال فيڊريشن جو چوڻ آهي ته آمريڪي اختيارين پهريان وفد جي ڪجهه ميمبرن کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون ۽ هاڻي ايراني مداحن لاءِ مخصوص ٽڪيٽن جي فراهمي به روڪي وئي آهي. فيڊريشن ان قدم کي امتيازي ۽ راندين جي اصولن جي خلاف قرار ڏنو آهي.ايراني پرڏيهي وزارت سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته فيفا ۽ ورلڊ ڪپ انتظاميا ايراني مداحن کي ٽڪيٽون فراهم ڪرڻ جا پابند آهن ۽ کين ميچ ڏسڻ کان روڪڻ سياسي دشمني جي عڪاسي ڪري ٿو.
