اورنگي ٽائون ۾ نئين شادي شده گهوٽ جو لاش هٿ، ڪنوار گرفتار

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هڪ نئين شادي شده گهوٽ جو لاش گهر مان هٿ اچڻ بعد پوليس ڪنوار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب مقتول کي هٿ پير ٻڌي، وات ۾ ڪپڙو وجهي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو هو.پوليس اختيارين موجب فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ حمزه جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جو لاش گهر اندر ڦاهيءَ سان لٽڪيل حالت ۾ مليو. شروعاتي جاچ مطابق سندس جسم تي تشدد جا نشان پڻ موجود آهن، جڏهن ته سندس هٿ پير ٻڌل ۽ وات ۾ ڪپڙو وڌل هو.واقعي کان پوءِ پوليس دعا نالي عورت کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪا اڳ ۾ پوليس ڪانسٽيبل طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو