پاپارازي: مشهور شخصيتن جي ذاتي زندگي جون تصويرون ڪڍندڙ فوٽوگرافر ڪير هوندا آهن؟

پاپارازي (Paparazzi) ڪنهن هڪ شخص جو نالو ناهي، پر انهن آزاد پيشاور فوٽوگرافرن (فري لانسرز) کي چيو ويندو آهي جيڪي مشهور شخصيتن جي ذاتي زندگي جون تصويرون سندن اجازت کانسواءِ ڳجهي نموني ڪڍندا آهن.هي اصطلاح اصل ۾ اطالوي فلمساز Federico Fellini جي 1960ع ۾ رليز ٿيل فلم La Dolce Vita جي هڪ ڪردار “پاپارازو” مان نڪتي آهي. فلم ۾ اهو ڪردار هڪ اهڙو رپورٽر فوٽوگرافر هوندو آهي، جيڪو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن مشهور شخصيت جي پٺيان لڳل رهندو آهي.شروعات ۾ اهو صرف هڪ فلمي ڪردار هو، پر حقيقي دنيا ۾ پاپارازي جي شهرت جو سڀ کان وڏو نالو Ron Galella بڻيو، جيڪو نيويارڪ ۾ پيدا ٿيو. رون گاليلا کي دنيا جو مشهور پاپارازي فوٽوگرافر سمجهيو ويندو آهي، جنهن ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جون تصويرون وٺي هن شعبي کي عالمي سڃاڻپ ڏني.

پنھنجي راءِ لکو