پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلي نه ڪرڻ تي اتفاق

پاکستان پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ مالي معاملن بابت ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. ذريعن موجب نائب وزيراعظم Ishaq Dar جي صدارت هيٺ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۽ پيپلز پارٽي جي نمائندن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي مالياتي ڪميشن (NFC) تحت وسيلن جي ورڇ واري موجوده فارمولي ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. ان کان علاوه وفاق کي ايندڙ مالي سال جي ٽيڪس هدف مان حاصل ٿيندڙ اضافي رقم فراهم ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو آهي.
ذريعن موجب وفاق هلندڙ مالي سال جي ٽيڪس هدف جي بنياد تي ايندڙ مالي سال صوبن کي سندن حصي جا محاصل ڏيندو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ حاصل ٿيندڙ اضافي محاصل وفاق وٽ رهندا. وڌيڪ اهو ته صوبا مختلف گرانٽن ۽ مالي ضرورتن لاءِ وفاق کي اضافي محاصل فراهم ڪندا.

پنھنجي راءِ لکو