قومي اقتصادي ڪائونسل جو اهم اجلاس اڄ، 4,194 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ پيش ٿيڻ جو امڪان

وفاقي گادي واري شهر Islamabad ۾ اڄ قومي اقتصادي ڪائونسل (NEC) جو اهم اجلاس ٿيندو، جنهن جي صدارت Shehbaz Sharif ڪندوذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال، ايندڙ مالي سال جي ترقياتي منصوبن ۽ قومي ترجيحن تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مجموعي طور 4,194 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.مجوزه بجيٽ موجب وفاق لاءِ 1,050 ارب رپيا ۽ صوبن لاءِ مجموعي طور 3,138 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. صوبائي حصي ۾ Punjab لاءِ 1,450 ارب رپيا، Sindh لاءِ 816 ارب رپيا، Khyber Pakhtunkhwa لاءِ 564 ارب رپيا ۽ Balochistan لاءِ 308 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.اجلاس ۾ چئن ئي صوبن جا وڏا وزير، صوبائي ناڻي وزير ۽ Azad Jammu and Kashmir جو وزيراعظم پڻ شرڪت ڪندا، جتي وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي منصوبن جي حتمي منظوري ڏني ويندي.

پنھنجي راءِ لکو