لاهور: مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو آهي ته محرم الحرام 1448 هجري جو چنڊ نظر نه آيو آهي۔لاهور ۾ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ موسميات کاتي جي نمائندن شرڪت ڪئي۔مولانا عبدالخبير آزاد موجب ملڪ جي ڪنهن به حصي مان چنڊ ڏسڻ بابت قابلِ اعتماد شاهدي وصول نه ٿي، تنهن ڪري پهرين محرم الحرام 18 جون اربع ڏينهن ٿيندي، جڏهن ته يومِ عاشور 27 جون جمعي ڏينهن ملهايو ويندو۔ان کان اڳ موسميات کاتي ٻڌايو هو ته چنڊ جي عمر رؤيت لاءِ ڪافي نه هئي، تنهن ڪري اڄ چنڊ نظر اچڻ جا امڪان تمام گهٽ هئا۔
