سي ٽي ڊي جو وڏو آپريشن، اٽڪ ۾ 5 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا، پنجاب ۾ وڏا حملا ناڪام

دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) پنجاب کي وڏي تباهي کان بچائيندي اٽڪ جي سرحدي علائقي ۾ هڪ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 5 خطرناڪ دهشتگردن کي ماريو آهي.سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي. گرفتاري لاءِ ڇاپو هڻڻ دوران دهشتگردن اهلڪارن تي بي دريغ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي جواب ۾ سي ٽي ڊي ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي.شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 دهشتگرد موقعي تي ئي مارجي ويا. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد پنجاب جي مختلف شهرن ۽ اهم تنصيبات تي حملن جي مڪمل رٿابندي ڪري چڪا هئا، پر بروقت ڪارروائي ذريعي سندن ارادا ناڪام بڻايا ويا.دهشتگردن جي قبضي مان هڪ خودڪش جيڪٽ، دستي بم، ايس ايم جيز، وڏي مقدار ۾ گوليون ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي.واقعي کان پوءِ اٽڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي ڳولا تيز ڪئي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو