هالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار Christopher Nolan جي نئين فلم The Odyssey رليز ٿيڻ کان هڪ سال اڳ ئي باڪس آفيس جي دنيا ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.رپورٽن موجب فلم جا صرف 24 ڪلاڪن اندر 28 هزار ٽڪيٽ وڪرو ٿي ويا، جنهن کانپوءِ برطانيا جي سڀ کان وڏي آئي ميڪس سينيما جو رڪارڊ ٽٽي ويو. هي غيرمعمولي ڪاميابي فلم لاءِ مداحن جي زبردست دلچسپي ۽ جوش کي ظاهر ڪري ٿي.فلم اڳواٽ ٽڪيٽن جي وڪري ۾ Oppenheimer ۽ Dune: Part Two جهڙين مشهور فلمن کي به پوئتي ڇڏي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ “دي اوڊيسي” کي ايندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ انتظار ڪيل فلمن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي۔