نشي جي حالت ۾ شوٽنگ تي ايندڙ فنڪارن تي پابندي هجڻ گهرجي، محسن عباس حيدر

مشهور پاڪستاني اداڪار، ڳائڻو ۽ ليکڪ Mohsin Abbas Haider انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ ڪجهه اداڪار، اداڪارائون ۽ هدايتڪار نشي جي حالت ۾ شوٽنگ سيٽن تي ايندا آهن، ۽ اهڙن ماڻهن تي فوري پابندي لڳائڻ گهرجي.

هڪ خانگي پروگرام دوران ڳالهائيندي محسن عباس حيدر ٻڌايو ته هن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته نشي جي حالت ۾ سيٽ تي ايندڙ فنڪارن ۽ هدايتڪارن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته پوسٽ کان پوءِ لاڳاپيل پروڊڪشن هائوس پاران ساڻس رابطو ڪيو ويو ۽ پڇيو ويو ته ڇا هو پنهنجي موجوده منصوبي جي ڪنهن فنڪار بابت ڳالهائي رهيو آهي. محسن عباس حيدر موجب هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي، جنهن کان پوءِ پروڊڪشن ٽيم مڪمل جاچ جي خاطري ڪرائي.هن پنهنجي تجربي بابت ٻڌايو ته هڪ موقعي تي هڪ اداڪارا شوٽنگ دوران ڌيان مرڪوز ڪرڻ ۾ ناڪام هئي ۽ ڳالهائڻ باوجود سندس توجهه ٻي طرف هئي. محسن عباس حيدر چيو ته اهڙين شين جي هرگز حوصلا افزائي نه ٿيڻ گهرجي، جيڪي سماج ۾ منفي اثرن جو سبب بڻجن۔