ملڪ ۾ دوائن تي بارڪوڊ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، جعلي دوائن جي خاتمي ڏانهن اهم قدم

ملڪ ۾ جعلي ۽ غير معياري دوائن جي خاتمي لاءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) هلندڙ سال کان فارما ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڊريپ ذريعن موجب هن نظام تحت دوائن جي پيڪٽن تي بارڪوڊ سسٽم لاڳو ڪرڻ لاءِ 9 آڪٽوبر جي آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ملڪ جي سمورين دواساز ڪمپنين کي بارڪوڊ ۽ سيريلائيزيشن بابت باقاعده هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب هي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم انساني ۽ جانورن جي دوائن ٺاهيندڙ سڀني ڪمپنين تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته ان جي نفاذ جي ذميواري ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) کي سونپي وئي آهي.نئين نظام تحت دواساز ڪمپنين ۽ درآمد ڪندڙن لاءِ هر دوا جي پيڪٽ تي ٽو ڊي بارڪوڊ ۽ سيريلائيزيشن ڊيٽا درج ڪرڻ لازمي هوندو، جنهن سان دوا جي تياري کان وٺي صارف تائين ان جي مڪمل نگراني ممڪن بڻبي ۽ جعلي دوائن جي روڪٿام ۾ وڏي مدد ملندي.