بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته غير قانوني طريقي سان يورپ وڃڻ جي ڪوشش نه رڳو جان ۽ مال لاءِ خطرناڪ آهي، پر هاڻي اهڙي ريت يورپ پهچڻ تقريباً ناممڪن بڻجي چڪو آهي.اداري پاران جاري ڪيل آگاهي مهم ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني ذريعن سان سرحدون پار ڪري يورپ پهچڻ جو تصور هاڻي پراڻو ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اهڙن سڀني رستن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي.بيورو موجب يورپي يونين سرحدي نگراني لاءِ جديد ۽ مؤثر نظام متعارف ڪرائي چڪي آهي، جنهن سبب غير قانوني نقل و حرڪت جو پتو لڳائڻ اڳ کان وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي.اداري شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرڏيهه روزگار لاءِ هميشه قانوني طريقا ۽ مجاز ادارن جي ذريعي سفر اختيار ڪن، جيئن انساني اسمگلنگ، مالي نقصان ۽ جاني خطرن کان بچي سگهن.