ايران کان سستو تيل ۽ گيس خريد ڪرڻ تي غور، آر ايل اين جي ڪنيڪشن به جلد بحال ٿيندا: وفاقي وزير

وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت ايران کان سستو تيل ۽ گيس خريد ڪرڻ جي امڪان تي غور ڪري رهي آهي، جڏهن ته آر ايل اين جي ڪنيڪشن به جلد بحال ڪيا ويندا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهه تي ايندھن فراهم ڪيو ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 130 ارب رپين جي سبسڊي ڏني. سندس چوڻ هو ته موٽر سائيڪل سوارن، ريلوي ۽ ٽرانسپورٽ شعبي کي پڻ سبسڊي فراهم ڪئي وئي، پر عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.وفاقي وزير موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر اهي اڃا جنگ کان اڳ واري سطح تي نه پهتيون آهن. هن چيو ته جيئن ئي عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 76 ڊالر في بيرل تائين ايندي، حڪومت بنا ڪنهن دير جي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪندي.علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت ڪنهن به دٻاءُ هيٺ فيصلا نه ڪندي، بلڪه هر فيصلو ميرٽ ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايران سان سستي اگهه تي تيل ۽ گيس خريد ڪرڻ بابت ايراني اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، ۽ جيڪڏهن شرطون سازگار رهيون ته ايل اين جي خريد ڪرڻ تي به غور ڪيو ويندو.ايران-پاڪستان گيس پائپ لائين منصوبي بابت هن چيو ته اهو معاملو هن وقت عدالت ۾ آهي، حڪومت ڪيس جي پيروي ڪري رهي آهي ۽ ايراني اختيارين سان گڏجي ان جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.