آزاد ڪشمير جي مسئلي تي جماعت اسلامي سرگرم، حافظ نعيم الرحمان جي پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات

آزاد ڪشمير جي مسئلي جي حل ۽ علائقي ۾ سياسي استحڪام لاءِ جماعت اسلامي سرگرم ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت سان ملاقات ڪئي.ملاقات کان پوءِ بئريسٽر گوهر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آزاد ڪشمير جو مسئلو طاقت بدران ڳالهين ۽ سياسي مذاڪرات ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو.هن وفاقي وزيرن جي ڪجهه بيانن تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ وفاقي وزير جا بيان باهه تي تيل هارڻ برابر آهن. سندس چوڻ هو ته غير ذميواراڻا بيان حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا.جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل وفاقي وزير پاڻ کي ڪشميري به سڏائين ٿا، پر سندن بيانن مان لڳي ٿو ته هو تاريخ ۽ زميني حقيقتن کان مڪمل واقف ناهن.