فيفا ورلڊ ڪپ 2026: ڪولمبيا-پرتگال ۽ آسٽريا-الجيريا ميچ بنا نتيجي ختم

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي گروپ اسٽيج جي آخري ڏينهن تي ڪولمبيا بمقابله پرتگال ۽ آسٽريا بمقابله الجيريا جا ميچ برابر ٿي ويا.
گروپ جي جي ميچ ۾ ڪولمبيا ۽ پرتگال جون ٽيمون ڪو به گول نه ڪري سگهيون ۽ ميچ بنا ڪنهن فيصلي جي ختم ٿي ويو.
پرتگال جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ميچ دوران غير معمولي طور تي خاموش نظر آيو ۽ ڪوششن باوجود پنهنجي ٽيم لاءِ گول نه ڪري سگهيو.