جعلي اي چالان ۽ فراڊ ايس ايم ايس کان هوشيار رهو، ذاتي معلومات ڪنهن سان به شيئر نه ڪريو: پي ايس سي اي

لاهور: پنجاب سيف سٽيز اٿارٽي (پي ايس سي اي) شهرين کي جعلي اي چالان ۽ فراڊ تي ٻڌل ايس ايم ايس پيغامن کان محتاط رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. اٿارٽي موجب سائبر ڪرائيم ۾ ملوث عنصر جعلي ويب سائيٽن ۽ مشڪوڪ لنڪس ذريعي شهرين کان ذاتي ۽ مالي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.پي ايس سي اي جي عوامي آگاهي مهم موجب شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته ڪنهن به مشڪوڪ لنڪ تي ڪلڪ نه ڪن ۽ پنهنجو ون ٽائيم پاسورڊ (او ٽي پي)، بئنڪنگ معلومات يا ٻي ڪا به ذاتي معلومات ڪنهن به اڻڄاتل يا غير لاڳاپيل شخص سان شيئر نه ڪن. اٿارٽي جو چوڻ آهي ته احتياط ڪرڻ سان سائبر فراڊ کان بچي سگهجي ٿو.
:::