گهرو وزارت غيرقانوني افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي 10 جولاءِ جي آخري تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.وزارت موجب 10 جولاءِ کان پوءِ ملڪ ۾ رهندڙ سڀني غيرقانوني افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته مقرر ڪيل تاريخ کان پوءِ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.