پنجاب جي شهر چونيا ۾ هڪ 15 ورهين جي نينگري سان مبينا طور شادي جو لالچ ڏئي اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي. واقعي کان پوءِ متاثر نينگري جي ماءُ جي فرياد تي پوليس نديم، فيصل ۽ نائلہ فيصل خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.پوليس موجب جڏهن نينگري جي طبيعت خراب ٿي وئي ته مبينا طور ٽئي جوابدار کيس هڪ نجي اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. اسپتال انتظاميا پوليس کي اطلاع ڏنو ته نينگري سان زيادتي جو شڪ آهي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.