آمريڪا: 9 سالن کان گم ٿيل ڌيءَ جي نالي تي فوڊ اسٽيمپ وٺندڙ ماءُ گرفتار، گمشدگي جو راز اڃا برقرار

آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ هڪ حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي 51 ورهين جي شينن اينڊرسن کي پنهنجي لڳ ڀڳ 9 سالن کان گم ٿيل ڌيءَ جوڊي “بروڪ” اينڊرسن جي نالي تي غيرقانوني طور سرڪاري فوڊ اسٽيمپ جا فائدا حاصل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب بروڪ اينڊرسن 9 آگسٽ 2017ع تي ان وقت گم ٿي وئي هئي، جڏهن هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ هئي. شينن اينڊرسن دعويٰ ڪئي ته هوءَ ڪجهه لمحن لاءِ واش روم وئي هئي ۽ واپس اچڻ تي ڌيءَ غائب هئي، پر خاندان جي ميمبرن هن بيان تي شڪ ظاهر ڪندي چيو ته گمشدگي جي رپورٽ ڪيترن ئي هفتن کان پوءِ داخل ڪرائي وئي، جنهن سبب جاچ جو اهم وقت ضايع ٿي ويو.بروڪ جي ماسي ڊي اينا اينڊرسن موجب، بروڪ ۽ سندس ماءُ ان وقت بي گهر هيون ۽ منشيات جي عادت ۾ مبتلا هيون، جنهن سبب بروڪ اڳ ئي انتهائي خطري واري زندگي گذاري رهي هئي. هن چيو ته هاڻي خاندان کي خدشو آهي ته شايد بروڪ زندهه نه هجي.جاچ دوران اختيارين الزام لڳايو ته شينن اينڊرسن پنهنجي گم ٿيل ڌيءَ جي نالي تي مسلسل سرڪاري فوڊ اسٽيمپ جا فائدا حاصل ڪندي رهي. جيڪڏهن اهي الزام ثابت ٿيا ته اهو سنگين مالي فراڊ قرار ڏنو ويندو.پوليس موجب شينن اينڊرسن هن وقت 22 هزار ڊالر جي ضمانت هيٺ جيل ۾ قيد آهي. مٿس فوڊ اسٽيمپ فراڊ کان علاوه جنسي ڏوهارين جي رجسٽريشن بابت قانونن جي ڀڃڪڙي جا الزام پڻ لاڳو ڪيا ويا آهن.ٻئي پاسي بروڪ اينڊرسن جي گمشدگي اڄ به هڪ معمو بڻيل آهي، جڏهن ته سندس خاندان لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کان پوءِ به حقيقت سامهون اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.