آمريڪي رياست انڊيانا ۾ پيش آيل هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ گهر جي پالتو ڪتي جي حملي سبب رڳو 7 ڏينهن جو نومولود ٻار فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ پوليس ٻار جي والدين سميت خاندان جي 6 ڄڻن خلاف غفلت ۽ ٻين الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪري ورتو.پرڏيهي ميڊيا موجب ننڍڙو جيسن اي ويور 4 سيپٽمبر 2025ع تي ان وقت جان ليوا حملي جو شڪار ٿيو، جڏهن خاندان جو پالتو ڪتو “چومپ” اوچتو مٿس حملو ڪري ويٺو. سخت زخمي ٿيڻ سبب ٻار جي حياتي بچائي نه سگهجي.واقعي کان پوءِ پوليس جاچ شروع ڪندي شروعاتي شاهديون گڏ ڪيون ۽ ٻار جي والدين، ڏاڏي، ڏاڏيءَ ۽ خاندان جي ٻين فردن سميت ڪُل 6 ڄڻن خلاف غفلت ۽ ٻين لاڳاپيل قانوني الزامن تحت ڪيس داخل ڪيا آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته هي المناڪ حادثو ڪهڙين حالتن ۾ پيش آيو ۽ حفاظتي قدمن ۾ ڪا غفلت ته نه ڪئي وئي هئي.