يو اي اي لبنان تي لڳايل سفري پابندي ختم ڪري ڇڏي، شهرين کي سخت شرطن سان سفر جي اجازت

متحده عرب امارات سيڪيورٽي خدشن سبب لڳايل ٻن مهينن واري سفري پابندي ختم ڪندي پنهنجي شهرين کي ٻيهر لبنان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.خليج ٽائيمز موجب، يو اي اي جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته 29 جون 2026 کان اماراتي شهري لبنان جو سفر ڪري سگهندا. بهرحال، اها اجازت سخت شرطن تحت ڏني وئي آهي.وزارت موجب، روانگي کان اڳ سڀني مسافرن لاءِ “تواجدي”سروس تي رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي هوندو. هن پليٽ فارم تي رجسٽريشن کانسواءِ اماراتي شهرين کي هوائي اڏن تان روانگي جي اجازت نه ڏني ويندي.اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن رجسٽريشن جي شرط تي عمل نه ڪيو ويو ته سفر ۾ دير يا قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. وزارت وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته سفر مڪمل ٿيڻ کان پوءِ مسافر ساڳئي “تواجدي” پليٽ فارم ذريعي پنهنجي وطن واپسي بابت به لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪن.