آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي تي حملا روڪڻ تي اتفاق کان پوءِ هاڻي ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ تيار آهن، پر ٻنهي ملڪن جي بيانن ۾ ملاقات جي نوعيت تي واضح اختلاف موجود آهي۔برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي ۽ آمريڪي ويب سائيٽ ايگزيئس موجب ايران سان ٿيندڙ انهن ٽيڪنيڪل ڳالهين ۾ آمريڪا جي نمائندگي اسٽيـو وِٽڪوف ۽ جارڊ ڪشنر ڪندا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا ٽيڪنيڪل وفد اربع ڏينهن الڳ الڳ ڳالهين ۾ حصو وٺندا. هن سڄي عمل ۾ قطر ۽ پاڪستان ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهنرپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ دوحه ۾ ايراني وفد سان ملاقات ٿيندي، ۽ اها درخواست ايران طرفان ڪئي وئي آهي۔ٻئي طرف ايران آمريڪا سان ڪنهن به سڌي ملاقات جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي موجب آمريڪا سان سڌي ڳالهه ٻولهه جو ڪو به منصوبو ناهي، ۽ سڀ سفارتي رابطا صرف ثالث ملڪن وسيلي ٿي رهيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته قطر سان معمول جي مشاورت جاري آهي، جڏهن ته ڳالهين جي تاريخ ۽ هنڌ طئي ٿيڻ بعد ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهه ٻولهه مناسب وقت تي ٿيندي۔ان دوران عمان ۾ اڳوڻي آمريڪي سفير رچرڊ شرمر دعويٰ ڪئي آهي ته تازين ڇڪتاڻن کي گهٽائڻ ۽ ڳالهين جي بحالي ۾ پاڪستان اهم ثالثي ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جهيڙا روڪڻ ۾ به ان جو اهم اثر رهيو آهي۔