موسميات کاتي ملڪ ڀر ۾ جولاءِ جي پهرئين هفتي دوران مون سون برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن موجب 1 کان 6 جولاءِ تائين مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي۔موسميات کاتي موجب 30 جون جي شام يا رات کان اولهه واريون هوائون ملڪ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته عربي سمنڊ مان ايندڙ نمي واريون هوائون اوڀر ۽ وچ وارن علائقن کي متاثر ڪنديون. 2 جولاءِ کان بنگال جي خليج مان به نمي واريون هوائون مٿاهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي۔پيشگوئي مطابق پنجاب ۽ ڪشمير ۾ 1 کان 6 جولاءِ، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ 1 کان 5 جولاءِ، جڏهن ته بلوچستان جي اتر ۽ اتر-اوڀر ضلعن ۾ 1 کان 4 جولاءِ دوران تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات ٿي سگهي ٿي۔سنڌ جي سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 3 ۽ 4 جولاءِ تي برساتن جو امڪان آهي، پر ڪراچي ۾ في الحال برسات جي اڳڪٿي ناهي ڪئي وئي۔موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته تيز برساتن سبب اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، پشاور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد جي هيٺاهين علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي۔اهڙي طرح 2 کان 6 جولاءِ دوران مٿاهين خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي پهاڙي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ندي نالن ۾ تيز وهڪرن جو خطرو به موجود آهي۔اختيارين شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته برسات ۽ طوفان دوران ڪمزور عمارتن، بجلي جي ٿنڀن ۽ بل بورڊن کان پري رهن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن۔