ڪمرشل عمارتن جي فائر سيفٽي آڊٽ جو ڊيٽا موبائل ايپ ۽ ڊيش بورڊ تي اپلوڊ ڪيو ويندو

ڪراچي ۾ ڪمرشل عمارتن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن جي روڪٿام ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ بابت ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن، سنڌ بلڊنگز ڪنٽرول اٿارٽي، پي ڊي ايم اي، سول ڊفينس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ 800 کان وڌيڪ شاپنگ مالن ۽ ڪمرشل عمارتن جو فائر سيفٽي آڊٽ سروي مڪمل ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي موجب ان مقصد لاءِ موبائل ايپ تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سروي سان لاڳاپيل سموري معلومات ڊيش بورڊ تي اپلوڊ ڪئي وئي آهي.ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي هدايت ڪئي ته فائر سيفٽي آڊٽ سروي ڪميٽيون پنهنجو ڪم وڌيڪ تيز ڪن ۽ جن عمارتن جو سروي اڃا باقي آهي، ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.