لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 ٻار فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم ميان شهباز شريف گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.واقعي وقت ٽيوشن سينٽر ۾ 30 کان وڌيڪ ٻار موجود هئا. شروعاتي ڄاڻ موجب عمارت جي مٿئين ماڙ تي تعميراتي ڪم جاري هو، جنهن دوران ڇت ڪرڻ سبب هي المناڪ حادثو پيش آيو. واقعي کانپوءِ گهر جي مالڪ ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.صدر آصف علي زرداري حادثي ۾ فوت ٿيل ٻارن لاءِ بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.