شهر قائد ڪراچي ۾ سولر سسٽم جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب سولر پينل، ليٿيم بيٽريون ۽ انورٽر اڳ جي ڀيٽ ۾ هزارين رپيا سستا ٿي ويا آهن.نڪته بزنس جي رپورٽ موجب ڪراچي جي اليڪٽرانڪس مارڪيٽ ۾ گذريل ڪجهه هفتن دوران سولر سامان جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ليٿيم بيٽرين جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار رپين تائين، جڏهن ته انورٽرن جي قيمتن ۾ 10 هزار رپين تائين گهٽتائي ٿي آهي.ان کان علاوه سولر پينل به في پليٽ لڳ ڀڳ 3 هزار رپيا سستا ٿي ويا آهن، جنهن سان صارفين کي سولر سسٽم لڳرائڻ ۾ مالي رليف ملڻ جو امڪان آهي.