ٽيلر سوئفٽ ۽ ٽريوس ڪيلس جي شادي بابت افواهون، ممڪن هنڌ بابت نيون قياس آرائيون

آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ ۽ مشهور فٽبالر ٽريوس ڪيلس جي شادي بابت افواهون سوشل ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا تي تيزي سان گردش ڪري رهيون آهن. مداحن جو چوڻ آهي ته هي جوڙو هلندڙ هفتي جي آخر ۾ شادي ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته هن حوالي سان ٻنهي طرفان اڃا تائين ڪا به سرڪاري تصديق سامهون ناهي آئي.رپورٽن موجب آگسٽ 2025 ۾ منگڻي ٿيڻ کان پوءِ هاڻي جوڙو شادي جي تيارين ۾ مصروف آهي. شروعاتي اطلاعن ۾ چيو ويو هو ته شادي روڊ آئيلينڊ ۾ ٿيندي، پر هنڌ بابت خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ اهو منصوبو تبديل ڪيو ويو.ٽي ايم زيڊ موجب هاڻي قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن ته شادي نيويارڪ شهر جي مشهور ميڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾ ٿي سگهي ٿي. انهن افواهن کي ان وقت وڌيڪ هٿي ملي جڏهن 2 جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين ان علائقي جي چوڌاري روڊ بند ڪرڻ لاءِ اجازت ناما طلب ڪيا ويا.آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا جي آزادي واري هفتي جي آخر ۾ ٽيلر سوئفٽ جون سالياني تقريبون پڻ ٿينديون رهيون آهن، جڏهن ته اها دعويٰ پڻ ڪئي پئي وڃي ته ٽريوس ڪيلس جي ٽيم ڪنساس سٽي چيفس جي ڪيترن ئي رانديگرن ويجهن هوٽلن ۾ ڪمرا بُڪ ڪرايا آهن.بهرحال، ٽيلر سوئفٽ يا ٽريوس ڪيلس طرفان شادي، تاريخ يا هنڌ بابت اڃا تائين ڪا به سرڪاري تصديق ناهي ڪئي وئي، تنهن ڪري هن وقت تائين اهي سڀ خبرون صرف افواهون ۽ قياس آرائيون سمجهيون وڃن ٿيون.