پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اسٽار بيٽر بابر اعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اهو اعلان سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه عاقب جاويد، ميمبرن مصباح الحق ۽ اسد شفيق سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.بابر اعظم ايندڙ ويسٽ انڊيز دوري دوران پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڪندو. ان موقعي تي سليڪشن ڪميٽي ويسٽ انڊيز سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو پڻ اعلان ڪيو.ياد رهي ته بابر اعظم 2023ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن کانپوءِ شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو.شان مسعود جي قيادت ۾ پاڪستان گذريل اڍائي سالن دوران 16 مان 12 ٽيسٽ ميچ هارائي ويو، جڏهن ته بنگلاديش خلاف هوم ۽ اوي ٻنهي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش جو به منهن ڏسڻو پيو، جنهن کانپوءِ پي سي بي ٻيهر بابر اعظم کي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.