مٽياري جي ڳوٺ ولي محمد نظاماڻي ۾ ڪارروائي لاءِ پهتل سي آءِ اي پوليس ٽيم تي مبينا منشيات فروشن حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب سي آءِ اي پوليس ڳجهي اطلاع تي مبينا منشيات فروش خان محمد عرف خانو نظاماڻي جي گهر تي ڇاپو هنيو، جتي موجود ماڻهن پوليس ٽيم کي گهيري ۾ وٺي مٿن تشدد ڪيو. حملي دوران سادي لباس ۾ موجود ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.واقعي جي اطلاع ملندي ئي مٽياري جي مختلف ٿاڻن مان پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. پوليس ڳوٺ جو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران حملي ۽ منشيات فروشي جي شڪ ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.پوليس اختيارين موجب ڪارروائي جو مرڪزي جوابدار خان محمد عرف خانو نظاماڻي اڃا تائين فرار آهي. سندس گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، ۽ اختيارين موجب کيس جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو۔
