ايران حراست ۾ ورتل آمريڪي عورت کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ٽرمپ جو اظهارِ ٿورا

واشنگٽن (16 جولاءِ 2026): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران حراست ۾ ورتل هڪ آمريڪي عورت کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته ان آمريڪي عورت کي بائيڊن انتظاميا جي دور ۾ ايران گرفتار ڪيو هو.هن ٻڌايو ته ڊسمبر 2024 ۾ گرفتار ڪيل آمريڪي عورت هاڻي محفوظ طريقي سان ايران مان ٻاهر نڪري چڪي آهي.آمريڪي صدر ايران جي هن قدم کي خير سگالي جو اظهار قرار ڏيندي ان تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته آمريڪا هن اڳڀرائي کي ساراهي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو