ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن کي “ٿيٽر ڊپلوميسي” قرار ڏيندي چيو آهي ته ڌمڪيون، وعدا ٽوڙڻ ۽ جعلي خبرن ذريعي برتري حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته حقيقتن کي قبول ڪيو وڃي ۽ ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن، وڌيڪ ڊرامائي رويي جي ضرورت ناهي. ٻئي پاسي لاس ويگاس ۾ عوامي ريلي کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڳالهيون جاري آهن. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جنگ بدران سفارتي حل کي ترجيح ڏئي ٿو، پر ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
