ناروے جي پرڏيهي وزير جي اسحاق ڊار سان ملاقات، سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

ناروے جي پرڏيهي وزير ايسپن بارتھ ايڊے ٻن ڏينهن جي سراري دوري تي پاڪستان پهچي ويو، جتي پرڏيهي وزارت پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندس آجيان ڪئي.ترجمان پرڏيهي وزارت موجب، هڪ ڏهاڪي کان پوءِ ناروے جي ڪنهن پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي. ملاقات دوران ٻنهيملڪن وچ ۾ لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ناروے سان پنهنجا ويجها ۽ مضبوط لاڳاپا وڌيڪ اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو.ناروے جي پرڏيهي وزير چيو ته ناروے ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي موجود آهي، جڏهن ته ناروے جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاميابي سان ڪاروبار ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.ناروے جي پرڏيهي وزير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي ثالثي وارين ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن چيو ته موجوده ڇڪتاڻ عالمي امن ۽ معيشت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني قيادت جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي پڻ قابلِ تعريف قرار ڏنو.