عرب جو اهم فيصلو، پي او سي ڪارڊ رکندڙ به پاڪستاني حج ڪوٽي تي حج ڪري سگهندا

سعودي عرب پاڪستان اوريجن ڪارڊ (پي او سي) رکندڙ پاڪستاني نسل جي ماڻهن کي پهريون ڀيرو پاڪستان جي حج ڪوٽي ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

مذهبي معاملن واري وزارت موجب پاڪستان جي مجموعي حج ڪوٽي جو هڪ سيڪڙو پي او سي ڪارڊ رکندڙن لاءِ مختص ڪيو ويندو، جنهن تحت لڳ ڀڳ 1,792 پاڪستاني نسل جا ماڻهو پهريون ڀيرو پاڪستاني ڪوٽي تي حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا.

نئين سهولت تحت پي او سي ڪارڊ رکندڙ ماڻهو سرڪاري ۽ خانگي ٻنهي حج اسڪيمز مان فائدو وٺي سگهندا. هي فيصلو انهن پاڪستاني نسل جي ماڻهن لاءِ اهم اڳڀرائي آهي، جن ماضي ۾ پاڪستاني شهريت ۽ پاسپورٽ ڇڏي ڏنو هو.

مذهبي معاملن واري وزارت موجب پي او سي ڪارڊ رکندڙن کي حج ويزا جاري ڪرڻ لاءِ شرط هوندي ته سعودي ويزا جاري ڪرڻ ۾ ڪا قانوني يا انتظامي رڪاوٽ موجود نه هجي.

وزارت پي او سي ڪارڊ رکندڙن لاءِ حج درخواستن ۽ نئين شرطن بابت تفصيل پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪندي. درخواست فارم ۾ سعودي وزارت حج پاران مقرر ڪيل شرطون پڻ شامل ڪيون وينديون.

لاڳاپيل اختيارين کي پي او سي ڪارڊ رکندڙن لاءِ هن نئين سهولت بابت آگاهي ڏيڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.

پي او سي انهن غير ملڪي شهرين کي جاري ڪيو ويندو آهي، جيڪي ماضي ۾ پاڪستاني شهري رهيا هجن يا جن جو پاڪستاني پسمنظر هجي. نئين پاليسي تحت پهريون ڀيرو اهڙن ماڻهن کي پاڪستان جي حج ڪوٽي مان حج ادا ڪرڻ جو موقعو ملندو.