صدر مملڪت: منهنجي والد حاڪم علي زرداري به ڪشمير جي جهاد ۾ حصو ورتو

صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته سندس والد حاڪم علي زرداري به ڪشمير جي جهاد ۾ حصو ورتو هو.

اسلام آباد ۾ يوم آزادي جي موقعي تي يادگار فتح جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.

هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ ڀارت کي شڪست ڏني وئي، جڏهن ته معرڪه حق ڪاميابي، شهيدن ۽ غازين جي لازوال داستان آهي.

صدر مملڪت موجب قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير جي جهاد لاءِ قوم کي سڏ ڏنو ته سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن لبیک چيو ۽ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪيو.

آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان امن جي قيام لاءِ دنيا سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته عالمي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستان جي ڪردار کي دنيا تسليم ڪري ٿي.