صدر مملڪت آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف طرفان موڪليل ڪيترين ئي سمريز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
منظور ڪيل سمريز ۾ هٿياربند فوجن ۽ سول آرمڊ فورسز جي 1172 اهلڪارن کي فوجي اعزاز ڏيڻ جي منظوري پڻ شامل آهي.
صدر مملڪت مختلف سول شعبن سان لاڳاپيل شهرين کي قومي اعزاز ڏيڻ جي به منظوري ڏني آهي.
ان کان علاوه يوم آزادي ۽ عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي اهل قيدين جي سزائن ۾ 100 ڏينهن جي معافي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.
صدر آصف علي زرداري 17 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس شام 4 وڳي طلب ڪرڻ واري سمري تي پڻ صحيح ڪري ڇڏي آهي.
