خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا

خاران (ويب ڊيسڪ):بلوچستان جي ضلعي خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگردن کي مارجي ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد زخمي ٿي پيا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن ردالفتنه 3 تحت خاران جي علائقي لجي ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا.

ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد ڦرلٽ، ڀتا خوري ۽ اغوا براءِ تاوان سميت ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ خودڪش حملن جي منصوبابندي ۾ به ملوث هئا.

ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان جديد هٿيار، وڏي مقدار ۾ گولا بارود، 2 گاڏيون ۽ هڪ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي.

سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت دهشتگردن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي ۽ انٽيليجنس بنيادن تي وڌيڪ ڪارروايون پڻ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.