ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي سامان کڻي يو اي اي مان وڌيڪ 4 اڏامون ڪراچي پهچي ويون

ڪراچي : پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ امدادي سامان کڻي متحده عرب امارات مان وڌيڪ 4 اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون آهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر طرفان امدادي سامان سان ڀريل 2 اڏامون ڪراچي ۾ لٿيون يو اين ايڇ سي آر جون 6 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان اچي چڪيون آهن وڌيڪ 2 اڏامون متحده عرب امارات مان امدادي سامان کڻي آيون آهن هينئر تائين ٻوڏ متاثرن جي لاءِ متحده عرب امارات مان 37 اڏامون پاڪستان پهتيون آهن ترجمان ٻوڏ متاثرن جي لاءِ اماڻيل انساني امداد جو گرمجوشي سان آجيان ڪئي آهي

پنھنجي راءِ لکو