ملڪ ۾ گيهه ۽ تيل جي بحران جو خدشو، خوردني تيل ٽينڪرز جي هڙتال جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ملڪ ۾ گيهه ۽ خوردني تيل جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته خوردني تيل جي ٽينڪرز جي هڙتال سبب سپلاءِ متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين بختيار خان جو چوڻ آهي ته خوردني تيل کڻندڙ ٽينڪر گذريل 10 ڏينهن کان هڙتال تي آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ گيهه ۽ تيل جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي.

بختيار خان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هڙتال وڌيڪ جاري رهي ته خوردني تيل جي سپلاءِ بند ٿيڻ سان ملڪ ۾ گيهه ۽ تيل جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

هن مطالبو ڪيو ته 10 ويلر ٽينڪرز کي سندن گنجائش موجب مناسب وزن کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته 10 ويلر ايڊيبل آئل ٽينڪر جي گنجائش 60 ٽن آهي ۽ ايترو وزن کڻڻ سان لوڊ کي ڪو نقصان نٿو پهچي.

ايڊيبل آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چيو ته ٽينڪرز بابت پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ مسئلن جو فوري حل ڪڍيو وڃي.

هن چيو ته اڄ گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ٽينڪرز مالڪن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو برقرار رهندو.

هن وڌيڪ چيو ته هڙتال ڊگهي ٿيڻ جي صورت ۾ خوردني تيل جي ترسيل متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن سان مارڪيٽ ۾ گيهه ۽ تيل جي دستيابي بابت مسئلا پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.