بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 9 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشنز دوران 9 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب زيارت، هرنائي ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون. زيارت ۽ هرنائي وچ ۾ جبلن واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي وڏي ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سندن ٺڪاڻو پڻ تباهه ڪيو ويو.

سوراب جي علائقي حاجيڪا ڳوٺ ۾ هڪ ٻي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو. فورسز دشت ڪٽائي ۽ حاجيڪا وچ ۾ ناڪابندي ڪري دهشتگردن جي چرپر جو پتو لڳايو.

ڪاررواين دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ ايمونيشن، ميگزين، دستي بم، واڪي ٽاڪي، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو عسڪري سامان هٿ ڪيو ويو.

سيڪيورٽي فورسز چيو آهي ته بلوچستان مان دهشتگردي جي خاتمي ۽ مستقل امن جي قيام تائين ڪارروايون جاري رهنديون.