سپريم ڪورٽ باني پي ٽي آءِ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اڄ ئي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽن رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ تي ايترو زور ڇو ڏنو پيو وڃي.وڪيل عذير ڀنڊاري عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان کي پمز اسپتال به ڪيترائي ڀيرا وٺي وڃڻ جو عمل ٿي چڪو آهي.عدالت خانگي اسپتال جي خرچن بابت پڻ پڇاڻو ڪيو، جنهن تي عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان جي وڪيل چيو ته خانگي اسپتال جا خرچ هو پاڻ ادا ڪندا.عدالت ميڊيڪل رپورٽ عوام آڏو جاري نه ڪرڻ ۽ رپورٽ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ بابت پڻ ضمانت طلب ڪئي.پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ڊاڪٽرن ۽ عمران خان جي خاندان جو معاملو آهي ۽ پارٽي ان رپورٽ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪندي.
