عالمي مارڪيٽ: وچ اوڀر ۾ جاري جنگي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
عالمي ميڊيا موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ممڪنه معاهدي جا امڪان گهٽجڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
برينٽ خام تيل جي قيمت 1.90 ڊالر واڌ سان 91.50 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس خام تيل جي قيمت ۾ 1.57 ڊالر واڌ کانپوءِ 85.30 ڊالر في بيرل تي واپار ٿي رهيو آهي.متحده عرب امارات جي مربن خام تيل جي قيمت ۾ پڻ 7 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 95 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.ماهرن موجب وچ اوڀر جي صورتحال ۽ خليجي سپلاءِ روٽس بابت وڌندڙ خدشا ايندڙ ڏينهن ۾ عالمي توانائي مارڪيٽ کي وڌيڪ متاثر ڪري سگهن ٿا.
