ڪراچي جي ضلعي اولهه ۾ پير آباد ٿاڻي جي حدن اندر منشيات فروشي خلاف پوليس وڏو آپريشن ڪندي 4 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته منشيات جا 3 اڏا مسمار ڪيا ويا.ايس ايس پي ويسٽ طارق مستوئي موجب آپريشن ۾ 70 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ ليڊيز اسٽاف حصو ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان چرس، آئس، هيروئن، روڪ رقم ۽ منشيات پيڪ ڪرڻ جو سامان هٿ ڪيو ويو.
پوليس موجب گذريل ڏينهن الاهي ڪالوني ۾ ڪارروائي دوران 2 گهربل منشيات فروش عدنان ولد بصير ۽ عرفان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو، جن وٽان 1051 گرام منشيات هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.ايس ايس پي ويسٽ موجب گذريل رات مگسي محلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪارروائي دوران اکرم، عامر، جميل ۽ محمد خان کي گرفتار ڪيو ويو.ٻئي طرف علائقي واسين جو الزام آهي ته پير آباد ۾ منشيات فروشي وڌي وئي آهي ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن کي پوليس جي مبينا سرپرستي حاصل آهي.
