لاهور ۾ بزرگ شهري جي قتل جو راز ظاهر، ڌيءَ ۽ سندس عاشق گرفتار

لاهور جي علائقي شيرا ڪوٽ ۾ بزرگ شهري رحمت علي جي قتل ڪيس ۾ سندس ڌيءَ ۽ سندس مبينا عاشق ملوث نڪتا آهن.
پوليس موجب مقتول جي ڌيءَ پنهنجي عاشق سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، پر سندس والد شادي لاءِ راضي نه هو. ان ڪري ٻنهي گڏجي بزرگ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.جاچ آفيسر موجب جوابدارن 2 لک رپين جي عيوض ٻن شوٽرن کي ڪرائي تي ورتو، جن فائرنگ ڪري رحمت علي کي قتل ڪيو ۽ واردات کانپوءِ فرار ٿي ويا.ايس پي حسن فاروق گهمڻ موجب انويسٽيگيشن ۽ آپريشن ونگ شيرا ڪوٽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي قتل جي ٻن مک جوابدارن، مقتول جي ڌيءَ ۽ سندس آشنا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.