ڀارتي رياست آسام جي حڪومت پهرين زال کي قانوني طلاق ڏيڻ کانسواءِ ٻي شادي ڪندڙ ۽ والدين کي نظرانداز ڪندڙ سرڪاري ملازمن خلاف اهم قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آسام جي وڏي وزير هيمنتا بسوا سرما اعلان ڪيو آهي ته جيڪو سرڪاري ملازم پهرين زال کي طلاق ڏيڻ کانسواءِ ٻي شادي ڪندو، ان جي پگهار مان رقم ڪاٽي پهرين زال جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي.
حڪومت موجب پهرين زال کي ان لاءِ باقاعده درخواست ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن طلاق جو معاملو عدالت ۾ به هلندڙ هجي، تڏهن به پگهار مان ڪٽوتي جاري رهندي.
وڏي وزير جو چوڻ آهي ته حڪومت جو مقصد قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ پهرين زال کي مالي سهارو فراهم ڪرڻ آهي.
ان کان علاوه والدين کي نظرانداز ڪندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهار مان 10 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.
