پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ 5.4 شدت جو زلزلو، ماڻهن ۾ خوف

پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ 5.4 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
زلزلي جا جهٽڪا اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، مردان، ملاڪنڊ، سوات ۽ مانسهره سميت خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ محسوس ڪيا ويا.
پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش علائقو هو. زلزلي جي زيرِ زمين کوٽائي 187 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جا جهٽڪا محسوس ٿيڻ بعد ڪيترائي ماڻهو خوف سبب گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا.ريسڪيو ذريعن ۽ مقامي انتظاميا موجب زلزلي جي کوٽائي وڌيڪ هجڻ سبب هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.