شادي لاءِ نيپال ۽ ڀارت جا ڪشالا ڪاٽيندڙ حيدرآباد واسڻ ناري واپس

ڪراچي: حيدرآباد واسڻ انٽر جي شاگردياڻي اقرا جيواڻي آن لائن لوڊو گيم ذريعي رابطو ٿيڻ بعد ڀارتي نوجوان سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان نيپال ذريعي ٿيندي ڀارت جي شهر بنگلور پهتي ته کيس هندستان جي سيڪيورٽي ادارن پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪالهه هندستاني بارڊر سيڪيورٽي فورس وارن نينگري اقرا جيواڻي کي لاهور ۾ پاڪستاني اختيارن حوالي ڪري ڇڏيو آھي.شاهي بازار سري گهاٽ واري علائقي ۾ رهندڙ 20 سالن جي ڇوڪري چئن مهينن کان گم هئي سندس پيءُ محمد جيواڻي سٽي ٿاڻي حيدرآباد تي سندس گمشدگي جي ايف آءِ آر بہ داخل ڪرائي هئي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد خبر پئي تہ شاگردياڻي اقرا پنهنجو شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺھرائڻ بعد ڪراچي ايئر پورٽ تان نيپال پهتي جتي هن پنهنجي 26 سالن جي هندستاني دوست ملائم سنگهہ ياديو سان شادي ڪري پنهنجو نالو اقرا جيواڻي مان تبديل ڪري روا ياديو رکيو ان بعد اقرا نيپال مان جڙتو ڪاغذن ذريعي هندستان جي شهر بنگلور پهتي.