ذاتي ڪاروبار شروع ڪرڻ جا خواهشمند نوجوان گهٽ سرمائي سان شروع ٿيندڙ ڪاروبار کي بهترين آپشن طور اختيار ڪري سگهن ٿا. بدلجندڙ ڪاروباري رجحانن، آن لائن ولتن ۽ مقامي سطح تي وڌندڙ طلب محدود وسيلن وارن ماڻهن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا آهن.ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳ سرمايو، ذاتي مهارت، امڪاني گراهڪ ۽ مارڪيٽ ۾ طلب کي ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي. اهڙو ڪاروبار چونڊڻ بهتر آهي جنهن ۾ شروعاتي سرمايو گهٽ هجي ۽ سڄو سال گراهڪن جي ضرورت برقرار رهي.آن لائن دنيا سبب نوجوان فري لانسنگ، آن لائن ٽيوشن، گرافڪ ڊيزائننگ، سوشل ميڊيا مئنيجمينٽ، آن لائن خريد ۽ وڪري ۽ گهر ۾ تيار ڪيل کاڌي جهڙا ڪم به گهٽ سرمائي سان شروع ڪري سگهن ٿا.جيڪڏهن ڪاروباري خيال سان گڏ مناسب منصوبابندي، معيار ۽ مستقل مزاجي برقرار رکي وڃي ته هڪ سادو ڪاروبار به وقت سان گڏ مستحڪم ۽ منافعي بخش آمدني جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو.