12 ربيع الاول: صدر مملکت ۽ وزيراعظم پاران قوم ۽ عالم اسلام کي مبارڪباد

صدر مملکت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف 12 ربيع الاول جي بابرڪت ۽ پرمسرت موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ پوري عالم اسلام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي الڳ الڳ پيغامن ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته 12 ربيع الاول الله پاڪ جي عظيم نعمت ۽ حضور اڪرم حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي ياد تازو ڪرڻ جو ڏينهن آهي.صدر مملکت آصف علي زرداري چيو ته سرور ڪائنات حضرت محمد ﷺ جي آمد ايمان، علم، عدل ۽ انصاف سان گڏ انسانيت جي ڀلائي واري روشن دور جي شروعات هئي. حضور پاڪ ﷺ جي اسوه حسنہ پوري انسانيت لاءِ فلاح ۽ نجات جو مڪمل رستو آهي.

هن چيو ته عشقِ رسول ﷺ جو حقيقي تقاضو اهو آهي ته اسان سيرت طيبه ۽ سنت رسول ﷺ کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو بڻايون ۽ پنهنجي ڪردار ۽ عمل کي اسلامي تعليمات جي روشني ۾ سنواريو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته حضرت محمد ﷺ جي پاڪ زندگي ۽ تعليمات انسانيت لاءِ هدايت جو دائمي سرچشمو آهن. سيرت النبي ﷺ مان اسان کي همدردي، انصاف، رواداري، اتحاد، ڀائيچاري ۽ ٻين جي خدمت جو درس ملي ٿو.
وزيراعظم چيو ته هن بابرڪت ڏينهن تي اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي ڪردار ۽ اجتماعي روين کي سيرت النبي ﷺ جي روشني سان منور ڪنداسين. هن چيو ته پُرامن، خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ مذهبي عقيدت، جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.