اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ ننڍو مالياتي بل 2023 اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ننڍي مالياتي بِل تي ٿيندڙ بحث کانپوءِ ننڍو مالياتي ترميمي بل 2 هزار 23 ۾ ڪجهه وڌيڪ ترميمون پيش ڪيون.اسحاق دار ايوان کي ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪ بزنس ڪلاس ۾ هوائي سفر ڪرڻ تي ايڪسائز ڊيوٽي وڌائي وئي آهي، ڏکڻ آمريڪا واري بزنس ڪلاس ٽڪيٽ تي اڍائي لک رپيا ايڪسائز ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته آفريقا ۽ وچ اوڀر جي بزنس ڪلاس ۽ فرسٽ ڪلاس ٽڪيٽ تي ايڪسائز ڊيوٽي 75 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته يورپي ملڪن جي هوائي ٽڪيٽ تي ايڪسائز ڊيوٽي ڊيڍ لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هن ٻڌايو ته وچ اوڀر ۽ ايشيائي ملڪن جي لاءِ بزنس ڪلاس ۽ فرسٽ ڪلاس تي ڊيوٽي ڏيڍ لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.انکانپوءِ قومي اسيمبلي ننڍو مالياتي بِل 2 هزار 23 اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ اسپيڪر اجلاس خميس تائين شام جو 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.