لاهور: پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان عدالت کي ٻڌايو آهي ته 28 فيبروري تي سندس ٽنگ جو ايڪسري ٿيڻو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ٿاڻي سيڪريٽريٽ ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ وڪالت نامي تي صحيح ۾ فرق جي وضاحت ۽ ٿاڻي سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظت ضمانت جي لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو هو، جنهن کانپوءِ هو عدالت ۾ پيش ٿيو هو.ٿاڻي سيڪريٽريٽ ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست ۾ عمران خان جي مختلف صحيحن جو معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ جي عدالت ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ته سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪري رهي آهي.